رجب رضا

رجب رضا

رجب رضا

رجب رضا: سنڌ جو ناليوارو موسيقار رجب رضا ولد خير محمد خان 1950ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد استاد خير محمد خان مشهور راڳي هو. رجب رضا کي موسيقي ورثي ۾ ملي، سندس گھر جا سمورا ڀاتي موسيقيءَ سان وابسته هئا. راڳ جي بنيادي تعليم پنهنجي والد استاد خير محمد کان ورتائين. هن کي ننڍيءَ عمر ۾ والد راڳ جي وڌيڪ سکيا لاءِ استاد لال بخش خان ۽ رمضان خان جي سرپرستيءَ هيٺ آندو، جنهن کان پوءِ رجب علي رضا برصغير جي عظيم ڪلاسيڪل گويي استاد بڙي غلام علي خان کان به سکيا ورتي.
رجب رضا سنڌ جو سريلو موسيقار هو، کيس هارمونيم وڄائڻ تي ڪافي عبور حاصل هو. هن دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. رجب رضا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وڏو وقت لاڳاپيل رهيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ميوزڪ ٽيچر ٿي رهيو. رجب رضا ثقافت کاتي جي قائم ڪيل ميوزڪ اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر به رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ 1500 کان وڌيڪ ڌنون ترتيب ڏنيون، جيڪي محمد يوسف، عابده پروين، فوزيه سومرو، حميره چنا ۽ ٻين فنڪارن ڳايون. رجب رضا 2007ع ۾ 57 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ رجب رضاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو